داماني ٻڪري

داماني ٻڪري: داماني ٻڪريءَ جو نسل ديري اسماعيل خان ۽ لڪي مروت ضلع بنون ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ لڀي ٿو. هن نسل جي ٻڪريءَ جو قد وچولو ٿئي ٿو. سراسري طور نر جو وزن 31 ڪلوگرام ۽ ماديءَ جو وزن 26 ڪلوگرام ٿئي ٿو. داماني ٻڪريءَ جا وارَ ڊگها، رنگ ڪارو، ٽنگون ڳاڙهاڻ مائل، سِڱ وريل ۽ تکا، پڇ ننڍو، اوهه ۽ ٿڻ وڏا ٿين ٿا. هن ٻڪريءَ جي کير جي سراسري پيداوار 100 ڏينهن جي کير واري عرصي ۾ 100 ليٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ ۾ سٺو سڻڀ ٿئي ٿو. هن جو گوشت نرم ۽ لذيذ ٿيندو آهي. داماني نسل خاص ڪري کير جي لحاظ کان پاليو ويندو آهي. هن ٻڪريءَ جي وارن جي سالياني پيداور 700 گرام آهي. هاڻي هن نسل جي پالنا سنڌ ۾ به ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو